پابندين باوجود ٽرمپ چونڊ مهم لاءِ ٽڪ ٽاڪ جو استعمال ڪرڻ لڳو

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) ري پبلڪن جي صدارتي اميدوار ڊونلڊ ٽرمپ پنهنجي صدارت دوران پابندي لڳائن جي ڪوشش بعد پاڻ ئي ٽڪ ٽاڪ تي پنهنجو اڪائونٽ ٺاهي ورتو.
ڀارتي ميڊيا جي رپورٽ موجب ڊونلڊ ٽرمپ وڊيو شيئرنگ پليٽ فارم ٽڪ ٽاڪ ۾ شموليت اختيار ڪرڻ بعد پهرين جون تي هڪ وڊيو به شيئر ڪئي، جنهن ۾ ڊونلڊ ٽرمپ نئين جرسي ۾ ٿيندڙ الٽي ميٽ فانٽنگ چيمپئن جي هڪ فائٽ ۾ موجو آهي.
صدارتي اميدوار جو اهو عمل اصل ۾ آمريڪي صدارتي انتخابات سان ڪجهه مهينا پهريان سامهون آيو، جنهن جو وڏو سبب ٽڪ ٽاڪ تي فعال واهپيدارن جي حمايت حاصل ڪرڻ هئي.
ٻئي پاسي ڊونلڊ ٽرمپ جي ان اڪائونٽ کي لکين ماڻهن فالو ڪرڻ به شروع ڪري
ڇڏيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.