ڇا توهان کي ڪبريٰ خان جي اصل نالي جي خبر آهي؟

پاڪستاني شوبز انڊسٽري سان سلهاڙيل ڪبريٰ خان هڪ باصلاحيت اداڪارا آهي، هوءَ روايتي، ماڊرن، قبيلائي، شهري ۽ هر قسم جو ڪردار سٺي نموني نڀائيندي رهي آهي.
پاڪستاني ڊرامن جو شايد ڪو اهڙو شوقين هجي جيڪو ڪبريٰ خان کي نه سڃاڻيندو هجي پر ڇا توهان کي خبر آهي ته ان جو اصل نالو ڇا آهي؟
ڪبريٰ خان 14 جون 1993 ۾ ملتان ۾ پيدا ٿي ۽ لنڊن ۾ وڏي ٿي، هن شوبز جي دنيا ۾ ماڊلنگ ذريعي قدم رکيو، پوءِ مختلف گلوڪارن جي ميوزڪ وڊيوز ۾ ماڊلنگ ذريعي کيس اداڪاري جو موقعو مليو.
ڪبريٰ خان ڪيترن ئي ڊرامن ۽ فلمن ۾ به اداڪاريءَ جا جوهر ڏيکاري چڪي آهي.
هاڻ اچون ٿا ان ڳالهه تي ته ڪبريٰ خان جو اصل نالو ڇا آهي؟ ته ڄاڻي وٺو ڪبريٰ خان جو اصل نالو رابعه آهي ۽ سڄو نالو رابعه خان اٿس.

kubrakhan pakistan lolywood

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.