ڀارت ۾ عورت اداڪارا سان گينگ ريپ

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾ عورتن ۽ ٻارن سان زيادتي جا واقعا گهٽ نه ٿي سگهيا، ڀارت ۾ عورتن لاءِ گهرن مان نڪرڻ ناممڪن بڻجي ويو، هاڻ هڪ تازي واقعي ۾ فلمي اداڪارا کي اجتماعي زيادتي جو نشانو بڻايو ويو آهي.

حيدرآباد جي رهواسڻ فلمي اداڪارا تامل ناڊو ۾ فلم جي شوٽنگ لاءِ ۽ مائٽن جي گهر ۾ رهي رهي هئي.

جڏهن هو گهر ۾ اڪيلي هئي ته سندس ئي ڊرائيور ٻين ساٿين کي وٺي پهتو ۽ اداڪارا سان اجتماعي زيادتي ڪئي.

پوليس وٽ واقعي جي شڪايت ڪرڻ کانپوءِ ڪيس داخل ڪيو ويو آهي ۽ جاچ شروع ڪئي وئي آهي.

ان کان اڳ ڀارت ۾ اسپينش عورت سياح کي به اجتماعي زيادتي جو نشانو بڻايو ويو هو.

IndianActress SouthIndian Kollywood

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.