”هر سال سڄي دنيا ۾ 80 لک ماڻهو تماڪ واپرائڻ سبب فوت ٿي ويندا آهن“

جنيوا (ويب ڊيسڪ) ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن (ڊبليو ايڇ او) ٻڌايو آهي ته هر سال سڄي دنيا ۾ 80 لک ماڻهو تماڪ واپرائڻ سبب موت جي منهن ۾ هليا ويندا آهن.
اها ڳالهه گڏيل قومن جي صحت بابت اداري ڊبليو ايڇ او ورلڊ ”نو ٽوبيڪو ڊي“ جي موقعي تي جاري ڪيل انگن اکرن ۾ ٻڌائي.
ڊبليو ايڇ او موجب هر سال 8 ملين کان وڌيڪ ماڻهو تماڪ واپرائڻ سبب فوت ٿي ويندا آهن، جن مان 12 لک ٻين هٿان (سگريٽ پيئندڙن طرفان ڇڏيل) دونهين سبب فوت ٿيندا آهن.

worldhealthorganization uno geneva

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.