مظفر آباد (ويب ڊيسڪ) مظفرآباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت سلو پوائزن جي شڪ جي درخواست تي شاعر احمد فرهاد جي طبي معائني جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
شاعر احمد فرهاد جي گرفتاري بابت ڪيس جي ٻڌڻي مظفرآباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ ٿي.
احمد فرهاد جي گهرواري موجوده وڪيل کي تبديل ڪري سينيئر قانوندان سردار ڪي ڊي خان ۽ محمود بيگ کي وڪيل مقرر ڪرڻ جي درخواست ڪئي، جيڪا عدالت قبولي ورتي.
وڪيل سردار ڪي ڊي خان نئين درخواست ۾ الزام هنيو ته احمد فرهاد کي سلو پوائزن ڏنو پيو وڃي، گذريل رات احمد فرهاد سان ملاقات ٿي، سندس حالت ٺيڪ نه هئي.
ان تي عدالت احمد فرهاد جي طبي معائني جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
عدالت احمد فرهاد ڪيس جي ٻڌڻي 3 جون تائين ملتوي ڪندي چيو ته سومر تي ڪيس تي بحث ڪيو ويندو.
ahmadfarhad poet muzaffarabad