يمنا زيدي جي فلم ”ناياب“ ڪانز فيسٽيول ۾ 2 اعزاز پنهنجي نالي ڪري ورتا

پيرس (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني اداڪارا يمنا زيدي ۽ اساما خان جي فلم “ناياب“ انٽرنيشنل ڪانز فلم فيسٽيول ۾ 2 اعزاز پنهنجي نالي ڪري ورتا آهن.
عمير نصير جي هدايتڪاري ۾ ٺهندڙ فلم کي ”بيسٽ فارن فلم“ ۽ بيسٽ فرسٽ ٽائيم فلم ميڪر جا اعزاز حاصل ٿيا آهن.
اداڪارا اهڙي خوشي واري خبر کي پنهنجي اسنٽاگرام تي تصوير سان گڏ شيئر ڪيو ۽ ناياب جي مڪمل ٽيم کي مبارڪباد ڏني.
ناياب هڪ اسپورٽس ڊراما فلم آهي، جنهن ۾ هڪ ڇوڪري کي معاشرتي رڪاوٽن باوجود پنهنجي ڪرڪيٽ ڪيرئر لاءِ جدوجهد ڪندي ڏيکاريو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.