فوٽو ڪڍرائڻ تان اداڪار پنهنجي ساٿي اداڪارا کي ڌڪو ڏئي ڇڏيو

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي تيلگو سينما جي مقبول اداڪار ننداموري بالاڪرشن هڪ تقريب ۾ ساٿي اداڪارا انجلي کي زور سان ڌڪو ڏئي ڇڏيو.

63 سالن جو اداڪار سياستدان به آهي ۽ هو وساري ويٺو ته تقريب ۾ ڪيمرا جي اک کيس ڏسي رهي آهي ۽ اها حرڪت رڪارڊ ٿيڻ کانپوءِ وائرل ٿي وئي.

ننداموري بالاڪرشن اسٽيج تي اداڪارا کي پسند ڪيو ۽ کيس ڌڪو ڏنو جنهن تي هو ذري گهٽ اسٽيج تان ڪرندي بچي پر پوءِ جڏهن کيس ياد پيو ته هو تقريب ۾ بيٺو آهي، اداڪارا ڦڪي کل کلي جان ڇڏائي پر اها وڊيو وائرل ٿيڻ کان پوءِ اداڪار کي تنقيد جو نشانو بڻايو پيو وڃي.

IndianActress SouthIndianActor SouthIndustry

You might also like