اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) حڪومت ايل پي جي جو گهريلو سلينڊر 45 رپيا 62 پئسا سستو ڪري ڇڏيو آهي.
پهرين جون کان ايل پي جي سستي ڪئي وئي، ان حوالي سان آئل اينڊ گئس ريگيوليٽري اٿارٽي (اوگرا) نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي.
نوٽيفڪيشن موجب ايل پي جي جو گهريلو سلينڊر 45 رپيا 63 پئسا سستو ڪيو ويو آهي، ايل پي جي جو 11.8 ڪلو گرام واري سلينڊر جي نئين قيمت 2768 رپيا 23 پئسا مقرر ٿي وئي.
نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته في ڪلو ايل پي جي 3 رپيا 86 پئسا سستي ڪئي وئي آهي، ايل پي جي جي في ڪلو نئين قيمت 234 رپيا 59 پيسا مقرر ڪئي وئي آهي.
Pakistan OGRA LPG