ڪراچي (ويب ڊيسڪ) آمريڪي ماهرن طرفان ڪيل تحقيق ۾ ڄاتو ويو آهي ته ننڍڙا ننڍڙا پلاسٽڪ جا ذرا مردن جي سگهه (بي اولادي) متاثر ڪري سگهن ٿا.
آڪسفورڊ رسالي ۾ ڇپيل تحقيق موجب آمريڪي ماهرن مخصوص علائقي جي مردن ۽ ڪتن جي جسم ۾ مليل ننڍن پلاسٽڪ جي ذرن جي بي اولادي واري سگهه جي اثرن جي جاچ ڪئي.
ماهرن ڪتن ۽ مردن جي هڪ گروپ جي (ٽيسٽيڪلز) ۾ پلاسٽڪ جي ذرن جي موجودگي ۽ ان جي اثرن تي تحقيق ڪئي.
ماهرن انهن ۾ ننڍا پلاسٽڪ جا ذرا ۽ ان جي اثرن جا چيڪ اپ ڪيا ۽ نتيجو ورتو.
ماهرن ڏٺو ته عام طور تي انسان جي ان جاءِ تي پلاسٽڪ جي بوتلن يا ٻين شين ۾ استعمال ٿيندڙ ذرن کانسواءِ ڪيپسول ۾ شامل ڪيل پلاسٽڪ جا ذرا به پهچي ويا هئا.
ان سان نه رڳو ٽيسٽيڪلز جو وزن گهٽجي ويو هو پر اهي ننڍا به ٿي ويا ۽ پلاسٽڪ جي ذرن مان اسپرم جو انگ به گهٽجي ويو هو.
ماهرن موجب اهو ئي سبب آهي جو هو بي اولادي جو شڪار ٿي سگهن ٿا.
ماهرن ٻڌايو ته ان حوالي سان وڌيڪ تحقيق جي ضرورت آهي.