اسلام آباد( م ڊ) عمران خلاف عدت ۾ نڪاح واري ڪيس جو فيصلو نه ٻڌائجي سگهيو، جڏهن ته عمران جي وڪيلن خاور مانيڪا تي حملو ڪيو. اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ ۾ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان ۽ سندس گهرواري بشريٰ بي بي جي نڪاح ڪيس ۾ سزا خلاف اپيلن جي ٻڌڻي کانپوءِ پاڪستان تحريڪ انصاف جي وڪيلن بشريٰ بي بي جي اڳوڻي مڙس خلاف درخواست داخل ڪري ڇڏي. خاور مانيڪا تي حملو، جج شاهه رخ ارجمند به فيصلو ٻڌائڻ کان سواءِ واپس پنهنجي چيمبر ۾ هليو ويو، ان موقعي تي جج ڪيس جي ٻڌڻي کان معذرت ڪندي ڪيس کي ٻي عدالت منتقل ڪرڻ لاءِ رجسٽرار آفيس کي خط لکي ڇڏيو. ٻڌڻي دوران خاور مانيڪا عدالت ۾ چيو ته پي ٽي آءِ جي فوج اچي مون سان بدتميزي ڪندي، عثمان رياض گل ايڊووڪيٽ عدالت ۾ چيو ته مان ان کي کڻي ٻاهر اڇلائيندس، خبر ناهي منهنجي گهر ۾ ڇا ٿي رهيو آهي جهانگير ترين جو پيغام آهي ته هاڻي سڀ ڪجهه ختم ٿي چڪو آهي، عدالت ۾ سمورا پيغام ڏيکاري سگهان ٿو، قسم کڻان ٿو ته ٻارن کي شادي جي پهرين خبر نه هئي، مون کي ڪهڙي خبر ته عمران خان منهنجي زال سان ڳجهي شادي ڪئي هئي؟ مون کي ٺڳيو ويو، ڇا الله جا بندا پي ٽي آءِ جي باني وانگر آهن؟ خاور مانيڪا جي مددگار وڪيل سيشن جج کي چيو ته سندن ڪيس ڪنهن ٻي عدالت ٽرانسفر ڪريو، جنهن تي جج رمارڪس ڏيندي چيو ته بي اعتمادي جي درخواست پهريان به خارج ٿي چڪي آهي، جيڪو چوڻو آهي پنهنجي وڪيل کي ٻڌايو. عدالت جي ڪمري ۾ گوڙ شروع ٿيڻ تي جج ڪيس جو فيصلو ٻڌائڻ بنا اُٿي پنهنجي چيمبر ۾ هليو ويو. پي ٽي آءِ اڳواڻ شبلي فراز چيو ته خاور مانيڪا خراب لفظ استعمال ڪيا، جج کي کيس روڪڻ گهرجي ها، هن غير اخلاقي ڳالهيون ڪيون آهن، اسان کي افسوس آهي، اسان کي خبر آهي ته اڄ عدالتن تي دٻاءُ آهي، توهان انصاف جي ڪرسي تي ويهي انصاف ڪريو، هي صرف تاخير جا طريقا آهن، ان ڪري ضمانت نه ٿي ملي ۽ رليف به نه ٿو ڏئي سگهجي. شبلي فراز چيو ته عدالتن کي انصاف ڪرڻ گهرجي، جن هي ڪيس ٺاهي سڄي پاڪستان جي عورتن جي بي عزتي ڪئي آهي، هي سياسي بنيادن تي ٻڌل ڪيس آهن، انصاف ضرور ملندو.