عدت ڪيس ۾ جج ٻڌڻ کان معذرت ڪري ڇڏي

اسلام آباد(م ڊ) عمران خان خلاف عدت ۾ نڪاح جو  ڪيس ٻڌندڙِ سيشن جج شاهه رخ ارجمند ڪيس ٻڌڻ کان معذرت ڪري ڇڏي آهي. هن  اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي رجسٽرار کي خط لکيو جنهن ۾ هن ٻڌايو ته بشريٰ بي بي، پي ٽي آءِ باني عمران خان جي اپيلون ٻڌڻي لاءِ مقرر هيون، خاور مانيڪا مون تي بي اعتمادي جو اظهار ڪيو آهي، جڏهن ته بي اعتمادي جي درخواست ان کان اڳ خارج ٿي چڪي آهي. جج خط ۾ لکيو ته خاور مانيڪا جي ٻيهر بي اعتمادي تي اپيلن تي فيصلو صحيح نه آهي، اپيلن کي ڪنهن ٻي عدالت ۾ منتقل ڪرڻ جي درخواست آهي. خط ۾ اِهو به چيو ويو آهي ته خاور مانيڪا ۽ سندس وڪيلن هميشه ٻڌڻي ۾ رنڊڪون وجهڻ جي ڪوشش ڪئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.