عوامي آواز ميڊيا گروپ جي سڏ تي ٽيون ڏينهن سڄي سنڌ اندر احتجاج مظاهرا ڪيا ويا. ” سرداري نظام، سرداري دهشت نامنظور شهيد نصر الله گڏاڻي جو خون لوڙهڻ نه ڏينداسين“ جا نعرا هڪ ئي وقت سڄي سنڌ جي فضا ۾ گونجي رهيا هيا. ڪراچي، حيدرآباد، مٺي، خيرپور، سکر، گهوٽڪي، ڄامشورو، نوشهروفيروز، نوابشاهه، ٽنڊو الهيار، ٽنڊو محمد خان، ميرپور خاص، عمر ڪوٽ، مٽياري، چمبڙ، ڀريا روڊ، گمبٽ، فيض گنج، جهول، پيرو لاشاري، سڪرنڊ، اڏيرو لال، دادو، لاڙڪاڻو، ڇور، غوث پور، ڪنڌڪوٽ، شهدادڪوٽ، ڏيپلو، ڪيٽي بندر، مقصود رند، وارهه، پنوعاقل، مٺياڻي، ڳڙهي چاڪر، قاضي احمد، سلطان پور، سوڀوديرو، ڌاٻيجي، ميرپورماٿيلو، مطلب ته ڪراچي کان ڪارونجهر ۽ ڪارونجهر کان ڪينجهر تائين هڪ ئي آواز هو ته صحافي نصر الله گڏاڻي جي قاتلن کي گرفتار ڪريو. ان موقعي تي ڪيل تقريرن ۾ نصر الله گڏاڻي بابت جوڙيل جي آءِ ٽي رد ڪئي وئي، ايس ايس پي گهوٽڪي تي بي اعتمادي جو اظهار ڪندي وارثن جي مرضي موجب ايف آءِ آر داخل ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو.
اسان عوامي آواز ميڊيا گروپ وارا سڄي سنڌ جي عوام، سياسي، سماجي، جماعتن، سول سوسائٽي جي نمائندن، مزدور اڳواڻن، شاگردن، صحافتي تنظيمن جا دل جي گهراين سان ٿورائتا آهيون جن ڏکئي وقت ۾ نصر الله گڏاڻي، سندس ڏکويل ڪٽنب ۽ عوامي آواز ميديا گروپ سان برادراڻو پير کنيو آهي ۽ اسان جي آواز ۾ آواز ملايو آهي، قدمن سان قدم ملايو آهي ۽ ظالم سرداري نظام جي خاتمي واري جدوجهد ۾ وقت به وقت ساٿ ڏنو آهي.
نصر الله گڏاڻي جو قتل جيتوڻيڪ ان نوعيت جو ڪو پهريون واقعو ناهي ۽ اها به ڪا لڪيل ڳالهه ناهي ته هتي ڏوهارين جو راڄ رهيو آهي، عام قتل ڪيس هجي يا خاص هتي ورلي ئي قاتلن ۽ ڏوهارين کي سزا ملندي آهي ان پس منظر ۾ جيڪڏهن نصر الله گڏاڻي جي قتل ڪيس کي ڏسجي ته سندس قتل جي خلاف جيڪو احتجاج ٿي رهيو آهي سو سندس قاتلن ۽ سرداري دهشت تي فوڪسڊ آهي تنهن ڪري هيءَ احتجاجي تحريڪ نتيجي جوڳي ۽ فيصلائتي نظر اچي رهي آهي. ان جو ڪارڻ جيئن مٿي ڄاڻايو ويو آهي ته هتي عام طور تي اهڙين احتجاجي تحريڪن سان قاتل گهٽ ئي گرفتار ٿيا آهن تنهن ڪري نصرالله گڏاڻي جي قتل خلاف احتجاج ۾شعوري طور وڌيڪ شدت نظر اچي رهي آهي ۽ اها شدت ٻڌائي ٿي ته هاڻي هر حال ۾ قاتلن تائين پهچڻو آهي.
جيڪڏهن قاتلن تائين نه پهچبو ته پوءِ سنڌي قوم ايئن ئي روز جنازا کڻندي رهندي تنهن ڪري قتلام جي ان سلسلي جو هاڻي انت آڻڻو ئي آڻڻو آهي. ان ڪري هن قتل جو فوڪسڊ قاتلن سان گڏ سرداري نظام کي به بڻايو ويو آهي اهو نشانو جيئن ته سڌو ۽ چٽو آهي تنهن ڪري اهو وار نتيجي جوڳو نظر اچي رهيو آهي.
نصر الله گڏاڻي جي قتل ڪيس جو ٻيو هاڪاري پاسو اهو آهي ته مقامي اتنظاميا ۽ حڪومت بظاهر پهرين ڏينهن کان وقعي جو نوٽيس ورتو آهي، جي آءِ ٽي پڻ بڻائي وئي آهي پر لڳي ٿو ته وقت سان اها پنهنجي عمل ۾ تيز ٿيڻ بدران روايتي طور سست ٿيندي پئي وڃي. اها ئي اسان لاءِ چئلينج آهي ته اسان حڪومت ۽ سندس انتظاميا مٿان دٻاءُ ڪيئن ٿا برقرار رکي سگهون جيئن ان کي سست ٿيڻ جو موقعو نه ملي ان سلسلي ۾ عوامي آواز ميڊيا گروپ لڳاتار ٽي ڏينهن سوڳ جو اعلان ڪري احتجاج جي ٽيمپو کي تيز رکڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.
جيئن پاڻ مٿي ڄاڻايو آهي ته عوامي آواز ميڊيا گروپ نه رڳو ظاهري قاتلن کي ٽارگيٽ ڪيو آهي پر گڏوگڏ ظالم سرداري نظام کي به نشانو بڻايو آهي ته جيئن براين جي اصل جڙ کي ختم ڪجي. تنهن ڪري سنڌ جون سڀ سياسي ۽ سماجي جماعتون، سول سوسائٽي شاگرد، ميڊيا جون تنظيمون، هاري ناري سڀ نصرالله جي قتل خلاف هڪ پليٽ فارم تي گڏ ٿيا آهن ڇاڪاڻ ته عوامي آواز ميڊيا گروپ جي احتجاج جو دائرو وسيع آهي ۽ ان جو ٽارگيٽ جيڪو سرداري طبقو آهي تنهن جي سڄي سنڌ ستايل آهي.
اسان جو سڄو زور ان ڪيس سان گڏ سنڌ ۾ سرداري نظام جو، مڪمل طور تي خاتمو هئڻ گهرجي جنهن خلاف نصر الله گڏاڻيءَ اهو نعرو تخليق ڪيو هو ته ” ڀوتار My Foot“ اڄ سڄي سنڌ ۾ اهو نعرو گونجي رهيو آهي. آواز اٿارڻ به يقينن هڪ وڏي ڪاميابي آهي. سو جيئن جيئن وقت گذري رهيو آهي تيئن تيئن سردارن خلاف گهيرو تنگ ٿي رهيو آهي. سردارن خلاف جدوجهد ڪندڙ سنڌ جي اڄ جي نياڻي ام رباب بلڪل صحيح چيو آهي ته ”اسان پيار مان سڄي دنيا اندر صرف ۽ صرف حضرت محمد صلي الله عليهه وسلم کي سردار مڃيون ٿا ڌرتي جي گولي تي ٻيو ڪو سردار ناهي. “
اسان ته چئون ٿا ته جيڪر سڄي سنڌ اندر سردار خلاف ٿاڻن تي احتجاج طور ايف آءِ آر داخل ڪرايون وڃن. ممڪن آهي ته اهڙو به وقت اچي ۽ مزاحمت جون شڪليون تبديل ٿينديون رهن. اسان کي مزاحمت جي ان شڪل جي ابتدا ٿيندي نظر به اچي رهي آهي. سنڌ جي ڪيترن ئي شخصيتن ذاتي طور ٻڌايو آهي ته اهي نصر الله گڏاڻي جي ايف آءِ آر داخل ڪرائڻ چاهين ٿيون. سو اهو وقت پري ناهي جڏهن سڄي سنڌ ۾ سردارن جي خلاف ايف آءِ آر ڪٽبيون. ڇاڪاڻ ته ظلم ڏاڍ، ناانصافي، هر قسم جي پرماريت خلاف جڏهن عوام جو صبر مڪمل طور تي لبريز ٿي ويندو آهي ته اهو روڊن تي نڪري ايندو آهي ۽ پوءِ هڪ آواز پڪاريو ۽ لڪاريو ويندو آهي ته هيءُ نظام آ خراب انقلاب انقلاب!
سو ٽيون ڏينهن عوامي آواز ميڊيا گروپ جي سڏ تي به سڄي سنڌ ۾ انقلابي ۽ مزاحمتي ماحول سرجي آيو هو جنهن کي ڏسندي لڳي ٿو ته سرداري نظام جي ڪرندڙ هن ڀت کي بس ٿورو ڌڪو ڏبو ته هي نظام ڦهڪو ڪري اچي ڪري پوندو. لڳي ٿو ته اهو وقت اچي ويجهو پهتو آهي بس ٿوري همت جي ضرورت آهي.