ميرپورماٿيلو (رپورٽر) جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض چانڊيو گهوٽڪي ضلعي ۾ 2 جون تي عام هڙتال جو اعلان ڪيو آهي.
هن ميرپورماٿيلي ۾ شهيد نصرالله گڏاڻي جي تڏي تي پهچي وارثن سان تعزيت ڪئي.
ان موقعي تي هن ٻڌايو ته شهيد جي قاتلن جي گرفتاري ۽ ڪيس داخل نه ڪرڻ خلاف 2 جون تي ضلعي ۾ عام هڙتال ڪئي ويندي جيڪڏهن قاتل گرفتار نه ٿيا ته سڄي سنڌ ۾ هڙتال ڪري روڊ بند ڪنداسين.
ان موقعي تي پريس سيڪريٽري اياز سولنگي، مرڪزي اڳواڻ ڪمال خان مهر، استاد موليڏنو مير بحر، نظير شيخ ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.
اڳواڻن شهيد جي تڏي تي اچي تعزيت کانپوءِ مزار تي حاضري ڀري دعا گهري ۽ گلن جي ورکا ڪئي.