راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد ۾ ڀارتي هاءِ ڪميشن جي 3 رڪني وفد سينٽرل جيل اڊيالا جو دورو ڪيو ۽ مظفر آباد مان جيل منتقل ڪيل ٻن ڀارتي شهرين سان ملاقات ڪئي.
رپورٽن موجب انهن قيدين جي سڃاڻپ فيروز احمد ۽ نور مشتاق جي نالن سان ٿي، جن کي پاڪستاني اختيارين غير قانوني طور لائن آف ڪنٽرول پار ڪندي پنهنجي تحويل ۾ ورتو هو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته اهي آزاد ڪشمير جي تخت گاهه جي هڪ جيل ۾ قيد هئا، حڪومت طرفان قونصلر پهچ جي اجازت ملڻ کانپوءِ قيدين کي اڊيالا جيل آندو ويو، ملاقات کانپوءِ کين واپس مظفرآباد نيو ويو.
ذريعن موجب جيل جو دورو ڪندڙن ۾ ڀارتي هاءِ ڪميشن جي فرسٽ سيڪريٽري سميت عملي جا ٻه ميمبر شامل هئا.
ان موقعي تي گهرو وزارت جا ٻه سينيئر آفيسر به موجود هئا، ڀارتي شهرين سان ملاقات جيل جي ڊپٽي سپرنٽينڊنٽ جي ڪمري ۾ ٿي.
pakistan india adialajail