يوٽيوٽ اشتهار روڪڻ وارن سافٽ ويئرز خلاف ڪريڪ ڊائون کي تيز ڪري ڇڏيو آهي، جنهن سان سموري دنيا مان لکين واهپيدار متاثر ٿي سگهن ٿا.
اينڊرائڊ اٿارٽي جي هڪ رپورٽ موجب يوٽيوب جي واهپيدارن طرفان ٻڌايو ويو آهي ته ايڊ بلاڪر کي استعمال ڪرڻ تي يوٽيوب عجيب طرح جو ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي.
هنن ايڊ بلاڪر جي استعمال تي وڊيوز جي حوالي سان مختلف مسئلن کي رپورٽ ڪيو.
ياد رهي ته يوٽيوب جون 2023ع ۾ يوٽيوب طرفان عالمي سطح تي ايڊ بلاڪر کي ڊس ايبل ڪرڻ لاءِ ننڍڙي تجربي جو اعلان ڪيو هو.
رپورٽ موجب يوٽيوب طرفان واهپيدارن کي ايڊ بلاڪر استعمال ڪرڻ سان روڪڻ لاءِ ڪيترائي طريقا استعمال ڪيا پيا وڃن.
رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته واهپيدارن شڪايت ڪئي آهي ته جڏهن هو ايڊ بلاڪر استعمال ڪري وڊيو پلي ڪندا آهن ته اوچتو شروع کان آخر تائين پهچي ويندا آهن.
ٻين واهپيدارن طرفان ايڊ بلاڪر جي استعمال تي وڊيوز ميوٽ هجڻ جي شڪايت به ڪئي آهي.
يوٽيوب طرفان ان حوالي سان ڪوبه باضابطا اعلان ته جاري ناهي ڪيو ويو پر ڪجهه وقت پهريان ڪمپني ٻڌايو هو ته اسان انهي ڳالهه کي واضح ڪري رهيا آهيون ته اسان جي اصولن موجب اشتهارن کي روڪڻ لاءِ ٿرڊ پارٽي ايپس جي استعمال جي اجازت ناهي.
YoutubeAds advertisement Adblocker
You might also like