ڀان سيد آباد (رپورٽ: آدم مينگل) ڀان ڀرسان ڳوٺ ۾ شاخ ۾ وهنجندي ٻه نينگر ٻڏي فوت ٿي ويا.
ڳوٺ قادر بخش جمالي ۾ پير شاخ ۾ وهنجندي ٻه نينگر عبدالخالق جمالي ۽ نديم جمالي ٻڏي ويا، ڳوٺاڻن پنهنجي مدد پاڻ تحت 4 ڪلاڪن کانپوءِ لاش هٿ ڪيا.
وارثن موجب سخت گرمي سبب نينگر شاخ ۾ وهنجي رهيا هيا ته ٻڏي ويا، ٽوٻا نه هجڻ ڪري ڳوٺاڻن پنهجي مدد پاڻ تحت لاش ڪڍيا.
اطلاع باوجود انتظاميا طرفان ڪو به لاڳاپيل عملدار واقعي واري هنڌ نه پهتو، فوتي نينگر جا لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو، ٻڏي ويل ٻئي نينگر ڇهين ڪلاس جا شاگرد ھيا.
bhansayedabad sindh dadu