ڊراما انڊسٽري جي مايا ناز پروڊيوسر ۽ ڊائريڪٽر سلطانا صديقي انڪشاف ڪيو آهي ته هو ايوارڊ ۾ تڏهن شريڪ ٿيندي آهي ته جڏهن کيس ايوارڊ ملندو آهي.
سلطانا صديقي هڪ انٽرويو ۾ شرڪت ڪئي ۽ پاڪستان ۾ ايوارڊز ڪلچر جي باري ۾ ڳالهايو.
هن چيو ته ايوارڊ شوز کي صرف پئسو ڪمائڻ لاءِ استعمال ڪرڻ شروع ڪيو ويندو آهي.
سندس چوڻ هو ته اسان مبينا طور ايوارڊ فڪسنگ ۾ وڌندڙ ڪلچر ڏٺو آهي ۽ اداڪار صرف ان وقت ايندا آهن جڏهن کين ايوارڊ ملي رهيا هجن يا وري اچڻ جي ادائيگي ٿي رهي هجي.
سلطانا صديقي انڪشاف ڪيو ته هلندڙ سال جي هم اسٽائل ايوارڊ ۾ هڪ اسٽار کي گهرايو ويو ته هن جواب ۾ صاف انڪار ڪندي چيو ته جيڪڏهن کيس ايوارڊ ملي رهيو آهي ته هو ايندو نه ته شرڪت نه ڪندو.
هن وڌيڪ چيو ته اداڪار هر شيءَ جا پئسا گهرندا آهن، ايتري قدر جي تاڙيون وڄائڻ جا پئسا ورتا ويندا آهن.
AwardShows HumTvAwards SultanaSiddiqui