سخت گرمي،سنڌ سميت ملڪ ۾ لوڊشيڊنگ جو مدو 18 ڪلاڪ،احتجاج

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ۾ سخت گرمي دوران مختلف علائقن ۾ بدترين ۽ غير اعلانيل  لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي، اورنگي، ڪورنگي، الله والا ٽائون، سٽي ريلوي ڪالوني، ملير، گڏاپ، قائد آباد، ڪياماڙي ۽ لياري ۾ 12 کان 14 ڪلاڪن جي لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي.ان کان علاوه ناظم آباد، ايف بي ايريا، شادمان، حيدري، گارڊن، جمشيد ڪوارٽر، نيو ڪراچي، سرجاني، پٽيل پاڙا ۽ لائينز ايريا ۾ لوڊشيڊنگ جو مدو 14 ڪلاڪن کان وڌي ويو آهي.ڪي اليڪٽرڪ جو موقف آهي ته جتي بجلي چوري ٿئي يا بل ادا نه پيا ٿين اتي لوڊشيڊنگ ٿي رهي آهي، جڏهن ته واهپيدارن جو چوڻ آهي ته باقاعده بل ادا ڪندڙ به سخت لوڊشيڊنگ جو شڪار آهن. جڏهن ته  ملڪ ٻين ڪيترن ئي علائقن ۾ 18 ڪلاڪ به لوڊشيڊنگ ٿي رهي آهي. ڪي پي ۾ شهري لوڊشيڊنگ خلاف سراپا احتجاج بڻيل آهن، احتجاج ڪندڙن جو چوڻ آهي ته پشاور ۽ ڀرپاسي علائقن ۾ 18 ڪلاڪ کان وڌيڪ لوڊشيڊنگ ٿي رهي آهي. هوڏانهن وزيراعظم شهباز شريف ملڪ جي مختلف علائقن ۾ اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جي شڪايتن جو نوٽيس ورتو آهي. ذريعن موجب وزيراعظم ان معاملي تي اڄ 12 وڳي اجلاس طلب ڪري ورتو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم کي بجلي جي طلب، رسد ۽ لوڊشيڊنگ بابت تفصيلي بريفنگ ڏني ويندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.