گوگل ڪروم ۾ لڪيل ٽرڪز جيڪي اوهان کي به پسند ايندا

گوگل سرچ انجن ۾ گذريل ڏينهن ۾ اي آءِ اوور ويوز نالي فيچر جو اضافو ڪيو ويو هو.

آرٽيفيشل انٽليجنس (اي آءِ) ٽيڪنالاجي جي فيچر ۾ واهپيدارن کي سرچ رزلٽس سان گڏو گڏ مختلف سوالن جا جواب به ڏنا ويندا آهن.
ان کان علاوه به گوگل سرچ ۾ هاڻي ايترا فيچر موجود آهن، جن ذريعي مواد سرچ ڪرڻ گهڻو مشڪل ٿي ويو آهي.
پر گذريل ڏينهن گوگل سرچ ۾ ويب ڪي جنالي هڪ فلٽر متعارف ڪرايو ويو آهي.
ان فلٽر تي ڪلڪ ڪرڻ سان واهپيدار جي سامهون صرف ٽيڪسٽ لنڪس شو ٿينديون، جيئن اميجز يا وڊيوز فلٽر تي ڪلڪ ڪرڻ تي تصويرون ۽ وڊيوز نظر اينديون آهن.
پر اهو فيچر اميجز ۽ وڊيوز جهڙن فلٽرز سان مور آپشن ۾ لڪيل آهي، پر اوهان ان کي گوگل سرچ جو ڊفالٽ فلٽر به ٺاهي سگهو ٿا.
اها ٽرڪ گوگل ڪروم جي سيٽنگز ۾ لڪيل آهي، ان لاءِ گوگل ڪروم ۾ سيٽنگز اوپن ڪري سرچ انجن تي ڪلڪ ڪري manage search engines and sites search چونڊ ڪري سگهجي ٿو.
اتي هيٺ اسڪرول ڪري سائٽ سرچ سيڪشن ۾ ايڊ بٽڻ تي ڪلڪ ڪيو، اوهان جي سامهون نيم، شارٽ ڪٽ ۽ ۽ يو آر ايل جي آپشنز ايندا.
نيم ۾ اوهان گوگل فلٽر درج ڪري شارٽ ڪٽ ۾ جي ڊبليو ايف ۽ يو آر ايل ۾ لنڪ ڏئي سيو بٽڻ تي ڪلڪ ڪيو.

Google ArtificialIntelligence SearchEngine

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.