فيسبڪ ۽ انسٽاگرام اسٽوريز وانگي اسٽيٽس فيچر ۾ واهپيدار پنهنجي زندگي جي لمحن کي شيئر ڪري سگهندا.
فيبروري 2023ع ۾ واٽس ايپ اسٽيٽس لاءِ وائيس نوٽ پوسٽ ڪرڻ جو فيچر متعارف ڪرايو هو.
هاڻي ڪمپني طرفان ان فيچر کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ لاءِ اينڊرائيڊ ۽ آءِ او ايس واهپيدارن لاءِ به متعارف ڪرايو ويو آهي.
پهريان واهپيدار صرف 30 سيڪنڊن جو وائيس نوٽ اسٽيٽس طور تي پوسٽ ڪري سگهندا هئا پر هاڻي وائيس نوٽ جو ٽائم وڌايو ويو آهي.
هڪ رپورٽ موجب واهپيدار گهڻي وقت کان ان فيچر کي بهتر بڻائڻ جو مطالبو ڪري رهيا هئا ته اسٽيٽس ۾ مواد کي وڌيڪ بهتر بڻايو وڃي.
رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته فيچر کي متعارف ڪرائڻ جو مقصد واهپيدارن جي وڌيڪ قيمتي لمحن کي دوستن سان شيئر ڪرڻ ۾ آساني پيدا ڪرڻ آهي.
ان مقصد لاءِ واٽس ايپ اوپن ڪري اپڊيٽ ٽيپ تي وڃي، اسٽيٽس ٽيب تي پينسل جي آءِ ڪون تي ڪلڪ ڪيو.
Whatsapp Technology Feature