برسلز (ويب ڊيسڪ) سعودي پرڏيهي وزير فيصل بن فرحان اسرائيل لاءِ فلسطيني رياست کي تسليم ڪرڻ ضروري قرار ڏئي ڇڏيو.
بيلجيئم جي تخت گاهه برسلز ۾ صحافين سان ڳالهائيندي سعودي پرڏيهي وزير چيو ته اسرائيل جو فلسطيني رياست جي وجود کي تسليم ڪرڻ ضروري آهي ۽ اهو ان جي مفاد ۾ به آهي.
هن چيو اسرائيل تسليم ڪري ته هو فلسطيني رياست جي وجود بنا قائم نٿو رهي سگهي پر اها حقيقت آهي ته موجوده اسرائيلي حڪومت ان ڳالهه کي نٿي سمجهي ۽ اها ڳڻتيءَ جي ڳالهه آهي.
سندس چوڻ هو ته مغوين جي آزادي ٿيڻ گهرجي، ٻه رياستي حل فلسطين ۽ اسرائيل ٻنهي جي مفاد ۾ آهي، ڌرين کي فوري طور ڳالهيون ڪرڻ گهرجن، غزا جا ماڻهو وڌيڪ انتظار نٿا ڪري سگهن.
سعودي پرڏيهي وزير چيو اهو فيصلو اسرائيل نه ڪندو ته فلسطينين کي حق ملندو يا نه پر اهو گڏيل قومن جي چارٽر ۽ عالمي قانونن سان جڙيل آهي، اهو تمام ضروري آهي ته اسرائيل تسليم ڪري ته فلسطيني رياست جي وجود بنا ان جو وجود به نٿو ٿي سگهي.
saudiarabia ksa FaisalbinFarhanAl-Saud