شهيد نصرالله گڏاڻي سردارن خلاف مزاحمت جي علامت بڻيل،سنڌ سراپا احتجاج

ڪراچي ( رپورٽر). روزاني عوامي آواز ميرپور ماٿيلو جي شهيد ٿيل صحافي نصرالله گڏاڻي جي قتل ۽ قاتلن جي گرفتاري لاءِ ڪالهه ڪراچي پريس ڪلب آڏو نيشنل ٽريڊ يونين، ھوم بيسڊ وومين ورڪرز فيڊريشن، جسٽس  ڪميٽي فار نصرالله گڏاڻي جي سڏ تي  عوامي آواز ميڊيا گروپ جي سرواڻ ڊاڪٽر جبار خٽڪ، ناصر خٽڪ، ناصر منصور، روزاني هلچل جي چيف ايڊيٽر يونس مهر پي ٽي آئي اڳواڻ ڊاڪٽر جئپال ڇاپڙيا، زھرا خان، سعيد بلوچ، خليل انصاري، آفاق ڀٽي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي اڳواڻن تقرير ڪندي سنڌ حڪومت ۽ آئي جي سنڌ پوليس کان مطالبو ڪيو ته شهيد صحافي نصر الله گڏاڻي جي قاتلن جي گرفتاري ڪئي وڃي ۽ سندس گهر ڀاتين جي منشا تي ايف آئي آر داخل ڪئي وڃي، سنڌ حڪومت قتل ٿيل صحافي جي ٻارن ٻچن جي تعليم ۽ ڪفالت لاءِ فوري طور مالي مدد جو اعلان ڪري،سنڌ ۾ صحافين کي سردارن ۽ سرڪاري ادارن جي تشدد، ڌمڪين ۽ قتل کان تحفظ فراهم ڪيو وڃي، سنڌ ۽ پاڪستان ۾ زرعي سڌارا آندا وڃي. هنن چيو ته  شهيد صحافي نصرﷲ گڏاڻي علائقي جي سردارن ۽ پوليس سميت ٻين رياستي ادارن جي اک ۾ ڪنڊو بڻيل هو، هو ھڪ دلير ۽ باڪ صحافي ھو جيڪو ھر وقت غريب ماروئڙن جو آواز اٿاريندو ھو، هنن وڌيڪ چيو ته شھيد نصرالله گڏاڻي ” ڀوتار مائي فٽ” جو نعرو هنيو هو، هو اڄ  پوري سنڌ جو نعرو بڻجي  گونجي رهيو آهي،جڏهن ته عوامي آواز ميڊيا گروپ پاران نصرالله گڏاڻي جي قتل خلاف اڄ سڄي سنڌ ۾ احتجاج جو سڏ ڏنل آهي.

ڪراچي/حيدرآباد/سکر(نمائندا)سنڌ جي بهادر صحافي نصرالله گڏاڻي جي شهادت واقعي خلاف ڌرتي ڌڻي سراپا احتجاج بڻيل، قاتل گرفتار نه ٿيڻ تي حڪومت ۽ پوليس خلاف ڪاوڙ جي لهر،خبر موجب دولتپورصفن۾ مرتضيٰ جوکيو ، روشن سومرو ، واجد راهو ، رياض ملاح ، عابد حسين ڀٽي ،نياز انڙ ، عثمان عباسي ، محمد موسىٰ انڙ، عبدالخالق جوکيو ،محمد اسلم راجپوت،ڳيريلي ۾ قومي عوامي تحريڪ جي سهيل ابڙو ،ياسين سنڌي ،دوڪاندارن ايسوسيئيشن اڳواڻ شفيق احمد منگي ،صحافي صالح مغل ،سميت سول سوسائٽي جي آڪاش ڪوري، محمد خان سولنگي ،دادو ۾ پ پ شهيد ڀٽو پاران غلام نبي جمالي، يونس خان جمالي، زين گهلو، رزاق جمالي، ذيشان کوکر، ڪامريڊ بشير احمد سولنگي، ڪشمور ۾ دليپ ڪمار ڪيسواڻي،غلام فريد ڄامڙو ،محمد شريف ڄامڙو ، احمد علي سيال ،ماجد علي مزاري ، ڄام اصغر چاچڙ ،تاج کوسو ملير ۾ پتافي قومي اتحاد پاران واجد پتافي، غازي پتافي، حفيظ پتافي، بشير پتافي، حق نواز پتافي، زاهد پتافي جي اڳواڻي ۾،ميرپور ماٿيلي ۾ پ پ ش ڀ پاران قربان ڪلوڙ، وسيم کوسو، معشوق ڇڄڻ،نوابشاهه ۾ سوشل ورڪ ٽيم ۽ سول سوسائٽي پاران سلمان ڪيريو، امير علي ڀنگوار، سيف مستوئي، اعجاز جمالي، فراز چانڊيو، سلام جمالي، نعمان سمون ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريالوء ۾ عبدالجبار ميراڻي، ثناءالله بلوچ ، صوبل خان اوڍو ظفر ، مشتاق احمد سولنگي،منٺار جاگيراڻي،عمران علي اوڍو،محمد عمر ڀٽو،سجاول جوڻيجو ۾ علي مدد لاشاري، نياز حسين لاشاري، عابد تنيو جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو،هوڏانهن شهدادپور پريس ڪلب جا صحافي ڪارا جهنڊا کڻي روڊن تي نڪري پيا اڀ ڏاريندڙ نعره صحافي نصرالله گڏاڻي جا قاتل سردار ڀوتار گرفتار ڪريو لاٺي گولي  سرڪار نامنظور جا نعرا هنيا ويا،سيد ارشاد بخاري،فقير غلام حسين ڀنڀرو،حاجي عبدالله دادپوٽو،ڊاڪٽر محمد رفيق شيخ، عبدالحميد کوسو، ڊاڪٽر جي غوري، محمد بخش سرهي، سجاد خاصخيلي، محسن ڪلهوڙو، مزمل کوکر، غلام حسين ڪلوئي، عبد ڀاڻو، نديم سليم، سنڌ نيشنل پارٽي وحدت سنڌ جي ڊپٽي جنرل سڪيٽري طالب جکرو وڪيل اڳواڻ ايڊوڪيٽ شيراز لاکو جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، شڪارپور يونين آف جرنلسٽس جي سڏ تي وسيم اختر سنجراڻي، رحيم بخش جمالي ۽ ارشاد آرائين جي اڳواڻي ۾  احتجاجي ريلي ڪڍي وئي،جنهن ۾ اقبال ساجد جوکيو، زاھد سنجراڻي، اعجاز ڪاڪيپوٽو، اسد الله سومرو، منٺار سنجراڻي، آغا طارق، جيرام داس، عرفان نون، اسلم جتوئي، عتيق ڌڪڙ، نويد سومرو، اشرف ڀٽو، عمران قريشي، ڪاشف نواز سميت ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، خانپور ۾ صفي الله  سيٺار، زبير ابڙو، عاصم دايو ،الطاف لاڙڪ کيبر لڳ نيوسعيدآباد ٽول پلازا جي اڳيان نيوسعيدآباد پريس ڪلب جي صدر قاسم قمبراڻي، امتياز ميمڻ، محمد دين بلوچ،حسين ميمڻ جي اڳواڻي ۾ محرابپور ۾  بچل ھنڱورو ، سيد احمد شاھ بخاري شھزاد مغل محمد عظيم نوناري آڪاش چوھاڻ،خير محمد عامر ، فريد ھاليپوٽو، عطا حسين سھتو، غلام مصطفيٰ مغل، فاروق احمد ملڪ،  ديدار عامر سجاد، آرائين وسيم مغل، آصف راجپوت، فقير ناصر مظھر مڪئي، توقير آرائين، مير مرتضيٰ ڪمبوھ، علي شير سومرو، احمد مغل، سرفراز نوناري، عبدالرزاق لاشاري، اصغر ھليو، مجاھد سامٽيو، بلال سومرو، امير سومرو، عرفان سھتو،نصير آباد ۾ جبار آزاد منگي. جي ايم مسڻ. غلام رسول کوسو،راجا لاشاري،بشيراحمد بروھي، امتياز علي سومرو، الطاف ڪانڌڙو،عنايت تنيو، رياض ڦلپوٽو،ٺٽي ۾ علي اڪبر دلواڻي، منصور جلالاڻي، اعجاز واريو، خدا بخش بروھي،نظير احمد قريشي، شيراز واريو، بلڙي شاھ ڪريم ويجھو حاجي آدم ناھيو ۾  ھاري يونينN.T.U.F جي سڏ تي شھيد صحافي نصرالله گڏاڻي جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ ھاري اڳواڻ ظفرناھيون جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪيو ويو،اڳواڻن  چيو ته سنڌ ۾ هن وقت صحافت ڪرڻ انتهائي مشڪل بڻجي وئي آهي هتي وڏيرا شاهي سبب سڀ ڪجه يرغمال بڻيل آهي هنن اعلي اختيارين کان گهر ڪئي ته صحافي جي اصل قاتلن ۽ ان جي سهولتڪارن کي جلد از جلد گرفتار ڪري انهن کي عبرتناڪ سزا ڏني وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو باھو کوسو ۾ شعيب احمد بھراڻي، باغ علي بلوچ، نياز احمد جروار، عباس علي جکراڻي، علي بروهي، اعجاز حسين جکراڻي، منظور احمد طوفاني، وھاب فراز ٽانوري،ڇاڇرو ۾ انڊس ريفارمز جي سڏ تي ياسر سنڌي، يوسف رسول بجير، چندر راٺوڙ، صحافي ممتاز راهمون،يعقوب بجير ميانداد بجير، علي گل بجير، شهاب الدين راهمون جي اڳواڻي ۾ هوڏانهن لاڙڪاڻي  قائد عوام پريس ڪلب ۽ سنڌ صحافي  سنگت سنڌ طرفان عبدالوحيد  ابڙو ،حسين بخش ابڙو ، عبدالھادي  ڀنگر، مجاھد  علي ڪھلوڙو، بختيار علي بگٽي، انور علي ابڙو، دلبر شاھد، منصور موريو، حاڪم عباسي، امير بخش لاڙ، مختيار ڏيٿو، ايم ايڇ بوزدار، نظير ٿھيم،پيروسڻ ۾ نوجوان اتحاد پاران منظور سنڌي، مھراڻ سومرو، منٺار علي سومرو، وسيم عباس، منھاس قدير، جمالي فھد حاجاڻو، صدام سنڌي، امتياز فل ۽ ٻين ڳالھائيندي چيو ته نصرالله گڏاڻي ھڪ بھادر صحافي ھجڻ سان گڏ سنڌ پرست ھيو جنھن کي ظالمن شھيد ڪري سڄي سنڌ کي سوڳوار ڪري ڇڏيو آھي ھن وقت چئن ئي صوبن م شھيد نصرالله گڏاڻي جا نعرا گونجن پيا پر افسوس ايس ايس پي گھوٽڪي ھن وقت تائين ڪنھن به قسم جي ڪارروائي ناھي ڪري سگھيو شھدادڪوٽ ۾ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي پاران الھداد خشڪ، فياض مگسي، حمل خشڪ، الطاف سومرو، معشوق خشڪ، شععب بلوچ، سڪندر خشڪ، ايس ٽي پي اڳواڻ حيات تونيو جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو،ٽنڊي ڄام ۾ گلشير لوچي، علي محمد جمالي، اعجاز ميمڻ، مرتضي چانڊيو، شڪيل ميمڻ، ذاڪر کوکر، بشير ڀٽو، خادم لاکو، اورنگزيب ڀٽو سميت ٻين چيو ته سنڌ حڪومت پاران رڳو مذمت ڪندي آهي، پر جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ لاء ڪا به سنجيدگي نه وٺندي آهي،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.