ڪراچي (ويب ڊيسڪ) موسميات کاتي ملڪ ۾ سخت گرمي جي لهر گهٽجڻ جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي.
موسميات کاتي موجب 28 مئي کان پهرين جون تائين مٿين علائقن ۾ ڪجهه جاين تي آنڌاري، کنوڻ ۽ گجگوڙ سان برسات جو امڪان آهي.
موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته هڪ ڪمزور اولهه لهر 28 مئي تي ملڪ جي مٿين علائقن تي اثرانداز ٿيڻ جو امڪان آهي، 28 کان 29 مئي دوران ڪوئيٽا، زوب، زيارت، بارکان ۾ کنوڻ ۽ گجگوڙ سان برسات جو امڪان آهي.
موسميات کاتي موجب 28 مئي کان پهرين جون تائين چترال، دير، سوات، ايبٽ آباد، ڪوهستان، وزيرستان، شانگلا، لڪي مروت، ڪرڪ، پشاور ۽ مردان ۾ ڪجهه هنڌن تي کنوڻ ۽ گجگوڙ سان برسات جو امڪان آهي، جڏهن ته گلگت بلتستان ۽ ڪشمير ۾ به 28 مئي کان پهرين جون دوران برسات جو امڪان آهي.
موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته ان دوران مري، گليات، اسلام آباد، راولپنڊي، اٽڪ، چڪوال، گوجرانوالا، سيالڪوٽ، نارووال، لاهور، اوڪاڙا ۽ فيصل آباد سميت ٻين هنڌن تي به برسات جو امڪان آهي.
موسميات کاتي 28 ۽ 29 مئي تي ڪراچي، ٺٽي، بدين ۽ حيدرآباد ۾ به برسات جي اڳڪٿي ڪئي آهي.
You might also like