سنڌ پوليس جو مفرور جوابدارن جون موبائل فون سمون بلاڪ ڪرڻ جو فيصلو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ پوليس مختلف ڪيسن ۾ مفرور جوابدارن جون موبائل فون سمون بلاڪ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ايڊيشنل آءِ جي ۽ جاچ جي شعبي ۾ سمورن آفيسرن شرڪت ڪئي.
پڌرائيءَ موجب اجلاس ۾ زونل ڊي آءِ جيز ۽ سي آءِ اي امن امان جي صورتحال تي بريفنگ ڏني.
آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ اجلاس ۾ چيو ته پوليس جي سڀني شعبن ڏوهن خلاف سٺي ڪارڪردگي ڏيکاري آهي، ڪراچي ۾ ڏوهه گهٽجڻ جو اعتراف شهري پاڻ ڪري رهيا آهن، تنهن ڪري ڏوهن خلاف اثرائتا قدم جاري رکڻ جي ضرورت آهي.
هن چيو ته سمورا آفيسر روز جي بنياد تي ڪرائم ڊيٽا فراهم ڪن ۽ مفرور جوابدارن جون موبائل سمون بلاڪ ڪيون وڃن.

sindh karachi sindhpolice

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.