ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ ايندڙ هفتي گرمي جي شدت ۾ واڌ جو امڪان آهي.
موسمياتي تجزئي نگار اويس حيدر طرفان ٻڌايو ويو آهي ته اڱاري کان خميس تائين شهر جي گرمي پد ۾ واڌ ٿي سگهي ٿي.
هن ٻڌايو ته ان دوران وڌ کان وڌ پارو 40 کان 42 ڊگري سينٽي گريڊ تائين وڃي سگهي ٿو، جنهن سبب ڪراچي ۾ ايندڙ هفتو سال جو گرم ترين هفتو رهي سگهي ٿو.
هوڏانهن طبي ماهرن شهرين کي بنا ضرورت گهران نه نڪرڻ ۽ وڌ کان وڌ پاڻي پيئڻ جي هدايت ڪئي آهي.
heatwave heatstroke karachi