واٽس ايپ طرفان هڪ اهڙي بهترين فيچر تي ڪم ڪيو پيو وڃي، جيڪو ماڻهن سان چيٽ جي تجربي بدلائي ڇڏيندو.
ميٽا جي ملڪيت هيٺ ميسيجنگ ايپ ۾ ڊفالٽ چيٽ ٿيم نالي فيچر کي متعارف ڪرڻ لاءِ ڪم جاري آهي.
ويب ٽين انفو جي رپورٽ موجب اهو فيچر واٽس ايپ جي او ايس بيٽا ورجن ۾ متعارف ڪرايو ويو آهي.
ان فيچر ذريعي واهپيدار ايپ ۾ هڪ ڊفالٽ ٿيم کي سيٽ ڪرڻ سان گڏوگڏ ايپ جي چيٽ ببلز جا رنگ به تبديل ڪري سگهندا.
اهو فيچر ايپ جي سيٽنگز مينيو ۾ موجود هوندو ۽ اهو گرين ٿيم سان گڏوگڏ بليو، گري ۽ ريڊ، پرپل رنگن ۾ ڪنهن به هڪ کي چونڊي سگهبو.
رپورٽ موجب هن فيچر ذريعي واٽس ايپ طرفان واهپيدارن کي ميسيجنگ لاءِ وڌيڪ بهتر تجربو فراهم ڪيو پيو وڃي.
Whatsapp Meta MarkZukerburg