ايلون مسڪ هڪ سپر ڪمپيوٽر تيار ڪرڻ جو خواهشمند

ٽيسلا ۽ اسپيس ايڪس جي مالڪ ايلون مسڪ هڪ اهڙي سپر ڪمپيوٽر تيار ڪرڻ جي منصوبا بندي ڪري رهيو آهي، جيڪو ان جي آرٽيفيشل انٽليجنس (اي آءِ) چيٽ بوٽ گروڪ کي پاور فراهم ڪندو.
هڪ رپورٽ موجب سيڙپڪارن کي ٻڌايو ويو آهي ته ڪمپني هڪ اي آءِ سپر ڪمپيوٽر تيار ڪرڻ تي ڪم ڪري رهي آهي.
رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته سپر ڪمپيوٽر 2025 جي آخري ٽي ماهي تائين ڪم ڪندو ۽ ان مقصد لاءِ ايڪس اي آءِ طرفان اوريڪل ڪمپني سان ڀائيواري به ڪئي ويندي.
ايلون مسڪ طرفان گروڪ جي اپڊيٽ ماڊل تي به ڪم ڪيو پيو وڃي.
مسڪ 2023 ۾ ايڪس اي آءِ جو بنياد وڌو هو ۽ اوپن اي آءِ ۽ گوگل کي ان شعبي ۾ ٽڪر ڏئي سگهجي ٿي.
ElonMusk Twitter SuperComputer

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.