ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي علائقي لانڍي ۾ پوليس ڪارروائي ڪندي عورتن کان ڦرلٽ جي الزام ۾ زال مڙس کي گرفتار ڪري ورتو.
پوليس موجب گرفتار زال مڙس وٽان کسيل 76 پرسون ۽ پسٽل به برآمد ڪيو ويو.
پوليس اختيارين ٻڌايو ته گرفتار جوابدار شهريار ۽ پلوشه وٽان 4 موبائل فونز ۽ اي ٽي ايم ڪارڊ به برآمد ڪيا ويا آهن.
پوليس موجب گرفتار زال مڙس جي لانڍي ۾ هڪ واٽهڙو عورت کان ڦرلٽ جي وڊيو وائرل ٿي هئي.
karachi sindh couple