ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ليجنڊ اداڪار طلعت حسين جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار ڪيو آهي.
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته طلعت حسين پاڪستاني قوم جو اثاثو هو، مرحوم پنهنجي انوکي فن ۽ ڪردار سبب سدائين پاڪستانين جي دلين ۾ زندهه رهندو.
هن چيو دعاڳو آهيان ته خدا مرحوم طلعت حسين کي جنت ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي، مرحوم جي پونئيرن جي ڏک ۾ برابر جو شريڪ آهيان، خدا کين صبر عطا فرمائي.
bilawalbhuttozardari ppp talalhussain