فخر ٽي اوور ٻيا ٽِڪي ها ته مئچ کٽي وڃون ها: بابر اعظم

برمنگهم(ويب ڊيسڪ) انگلينڊ هٿان ٻين ٽي ٽوئنٽي ۾ شڪست بعد پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم چيو آهي ته فخر زمان وڌيڪ 2 يا 3 اوورز بيٽنگ ڪري ها ته مئچ جو نتيجو مختلف هجي ها.
انگلينڊ خلاف مئچ هارائڻ بعد پوسٽ مئچ پريزنٽيشن ۾ ڳالهائيندي بابر اعظم جو چوڻ هو ته فاسٽ بالرن سٺي بالنگ ڪئي پر بيٽنگ ۾ سٺو نه ڪيو انڪري مئچ نه کٽي سگهياسين.
قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان ٻڌايو ته هڪ ننڍڙي پارٽنرشپ لڳي پر بعد ۾ ايندڙ بيٽسمين ٽڪي نه سگهيا، جيڪڏهن مڊل آرڊر ۾ ڪو به رانديگر 40 يا 50 رنسون ٺاهي ها ته مئچ جا نتيجا مختلف هجن ها.
ياد رهي ته 4 ٽي ٽوئنٽي مئچن جي سيريز جي ٻئين مئچ ۾ انگلينڊ پاڪستان کي 23 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي هئي.

BabarAzam Pakistan WorldCupT202024

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.