ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ گهر ۾ گئس ليڪ ٿيڻ سبب زوردار ڌماڪو ٿيڻ جي نتيجي ۾ ٻارڙن ۽ عورتن سميت 8 ڄڻا سڙي زخمي ٿي پيا.
سولجر بازار نمبر ون ويجهو گهر ۾ گيس ليڪيج سبب زوردار ڌماڪو ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ئي ڪٽنب جا 8 ڄڻا زخمي ٿي پيا.
زخمين ۾ 45 ورهين جو محمد موسيٰ، سندس زال، 40 سالن جي رابعه، 10 سالن جو نويد، 8 ورهين جو رفيق موسيٰ، 20 ورهين جو گلشن ، 15 سالن جي روشني ۽ 11 ورهين جي امبرين ۽ 12 ورهين جي نسرين شامل آهن.
زخمين کي فوري طور سول اسپتال جي برنس وارڊ منتقل ڪيو ويو، ڊاڪٽرن موجب زخمين جي حالت خطري کان ٻاهر آهي.
پوليس جو چوڻ آهي ته شروعاتي طور واقعو حادثو لڳي ٿو، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.
علائقي واسين موجب علائقي ۾ گيس جي کوٽ آهي، اڪثر رهواسي گئس سلينڊر استعمال ڪن ٿا، جنهن سبب اهڙا حادثا پيش اچن ٿا.
karachi sindhi ssgc