ڪراچي (ويب ڊيسڪ) شهيد نصرالله گڏاڻي جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ صحافتي تنظيمن ڪراچي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو.
صحافين جي تنظيمن پي ايف يو جي ۽ ڪي يو جي پاران ڪراچي پريس ڪلب ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، اڳواڻن چيو ته حڪومت صحافين جي تحفظ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي، سنجيدگي جو مظاهرو نه ڪرڻ جو مطلب به صحافت جي آزادي تي هڪ وار آهي.
احتجاج جي اڳواڻي ڪراچي يونين آف جرنلسٽس جي صدر لياقت علي ۽ سينيئر صحافي امتياز فاران ڪئي، جتي صحافين کي شهيد نصر الله گڏاڻي جي تصويرن وارا بينر کنيل هئا ۽ هو نعريبازي ڪري رهيا هئا.
احتجاجي مظاهري ۾ عوامي آواز جي ڊپٽي ايڊيٽر ناصر خٽڪ پڻ شرڪت ڪئي.
احتجاج ڪندڙن چتاءُ ڏنو ته جيڪڏهن بهادر صحافي جي قتل ۾ ملوث ماڻهن کي فوري طور تي گرفتار ڪري سزا نه ڏني وئي ته احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.
#JusticeForNasrullahGadani #BhotarMyFoot #ShaheedNasrullahGadani