”ايس آءِ ايف سي جي ڪاميابين تنقيد ڪندڙن جو وات بند ڪري ڇڏيو آهي“

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ خاص سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل (ايس آءِ ايف سي) جي اپيڪس ڪميٽي جو ڏهون اجلاس وزيراعظم هائوس ۾ ٿيو، جنهن ۾ سيڙپڪاري جي قدمن تي اطمينان جو اظهار ڪيو ويو.
اجلاس ۾ آرمي چيف جنرل عاصم منير، وفاقي وزيرن اسحاق ڊار، محمد اورنگزيب، محسن نقوي، خواجا آصف، اويس لغاري ۽ ٻين شرڪت ڪئي.
اجلاس ۾ چئني صوبن جا وزيراعليٰ ۽ چيف سيڪريٽري به شريڪ ٿيا، مراد علي شاهه، علي امين گنڊاپور، سرفراز بگٽي ۽ مريم نواز ايس آءِ ايف سي تحٽ سيڙپڪاري جي قدمن تي اطمينان جو اظهار ڪيو، شرڪت ڪندڙن اپيڪس ڪميٽي جي گذريل اجلاسن جي فيصلن تي عملدرآمد تي اطمينان جو اظهار ڪيو.
ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته صوبائي حڪومتن کي گڏ کڻي هلي رهيا آهيون، اسان ڪستو ڀڃي ڇڏيو آهي، هاڻ واپاري ۽ معاشي سهڪار کي اهميت ڏئي رهيا آهيون.
هن چيو ته دوست ملڪن به ايس آءِ ايف سي جي قدمن کي ساراهيو آهي، عسڪري قيادت ملڪ ۾ پرڏيهي سيڙپڪاري کي هٿي ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، وقت گذرڻ سان ايس آءِ ايف سي جي ڪاميابين تنقيد ڪندڙن جو وات بند ڪري ڇڏيو آهي.

shahbazsharif pmln pakistan

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.