شاهين آفريديءَ جو نائب ڪپتان بڻجڻ کان انڪار، سبب سامهون اچي ويو

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽ فاسٽ بالر شاهين آفريدي قومي ٽيم جي نائب ڪپتاني قبولڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي جنهن کانپوءِ ڪرڪيٽ حلقن ۾ ڪيئي سوال جنم وٺي رهيا آهن.
شاهين آفريدي طرفان قومي ٽيم جو نائب ڪپتان بڻجڻ کان انڪار واري خبر ان وقت سامهون آئي جڏهن ته ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ شروع ٿيڻ ۾ باقي ڪجهه ڏينهن بچيا آهن.
ٽيم ذريعن موجب، شاهين آفريدي فلحال نائب ڪپتاني وارو عهدو وٺڻ لاءِ تيار نه آهي ۽ فاسٽ بالر جي انڪار کانپوءِ محمد رضوان ٽيم جي نائب ڪپتان لاءِ مضبوط اميدوار آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته شاهين آفريدي ويجهڙائي ۾ پاڻ سان پيش آيل ڪپتاني واري معاملي تي گهڻو سنجيدا هو ۽ جهڙي ريت کائنس پنج ميچن کانپوءِ ڪپتاني واپس ورتي وئي ان کانپوءِ هن ٽيم جي اتحاد کي بگاڙڻ بدران پنهنجو سمورو ڌيان ڪرڪيٽ تي ڏيڻ جو فيصلو ڪيو.
ڪرڪيٽ تي ڌيان ڏيڻ جو نتيجو اِهو نڪتو ته نيوزيلينڊ خلاف سيريز جي آخري ٻه ميچون جيڪي پاڪستان کٽيون ٻنهي ۾ شاهين آفريدي مين آف دي ميچ رهيو ۽ آئرلينڊ خلاف سيريز ۾ به ٽيم جي ڪاميابي ۾ سندس انتهائي اهم ڪردار رهيو.
ڪپتاني کسجڻ کانپوءِ شاهين آفريديءَ جو سمورو ڌيان ڪرڪيٽ تي آهي، هو ٽيم جي اتحاد تي اثرانداز نٿو ٿيڻ چاهي ۽ چاهي ٿو ته ٽيم کي پنهنجي ڪارڪردگي ذريعي کٽرائيندو رهي.
ان کانسواءِ شاهين آفريدي پنهنجي ڪپتاني جي حوالي سان ميڊيا تي هلندڙ تڪرار مان نڪري پنهنجي ڪارڪردگيءَ تي ڌيان ڏيڻ چاهي ٿو.
Shaheenafridi Babarazam pakistancricketteam pcb T20worldcup2024

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.