سنڌ مدرست الاسلام يونيورسٽيءَ جو پنجون ڪانووڪيشن 29 مئي تي ٿيندو

ڪراچي (پ ر) سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽي جو پنجون ڪانووڪيشن اربع 29 مئي 2024ع تي منعقد ٿيندو، جنهن ۾ فال 2021، اسپرنگ 2022، فال 2022 ۽ اسپرنگ 2023 بيچز جي شاگردن کي ڊگريون ڏنيون وينديون.

ان سلسلي ۾ يونيورسٽي جي ڪانفرنس روم ۾ سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽي جي ڊينز ۽ لاڳاپيل آفيسرن جو اجلاس وائس چانسلر ڊاڪٽر مجيب صحرائي جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ ڪانووڪيشن جي انتظامن جو تفصيلي جائزو ورتو ويو ۽ مختلف ذميواريون نڀائڻ جي لاءِ ڪاميٽيون جوڙيون ويون.

اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ڪانووڪيشن جي ڪارروائي شام جو 5 وڳي کان شروع ٿيندي، جڏهن ته گريجوئيشن ڪندڙ شاگردن کي رپورٽنگ لاءِ 1:30 وڳي سڏايو ويندو.

اجلاس کي خطاب ڪندي ڊاڪٽر مجيب صحرائي چيو ته هي سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽي جو هڪ ميگا ايونٽ آهي، جنهن ۾ وائس چانسلر، پرو چانسلر، چيئرمين سنڌ ايڇ اِي سي ۽ ٻين معزز مهمانن سان گڏ يونيورسٽي جي گريجوئيٽ شاگردن، سندن والدين، فيڪلٽي ميمبرن ۽ آفيسرن کي شرڪت جي دعوت ڏني وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.