”بابر سينچري هنئي ۽ پاڪستان کٽيو ته بابي جي مرسڊيز ڪپتان جي“ مداح ناري جو اعلان

برمنگهم( ويب ڊيسڪ ) قومي ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم جي برطانوي مداح کيس اڄ انگلينڊ خلاف سينچري ٺاهڻ تي پيءُ جي گاڏي تحفي طور ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
برمنگهم ۾ موجود پاڪستان ڄائي برطانوي ناري نجي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان ۽ انگلينڊ وچ ۾ چئن ٽي ٽوئنٽي ميچن تي ٻڌل سيريز جي پهرين ميچ ۾ پاڪستان جي ڪاميابيءَ جي اميد برسات ۾ لڙهي وئي، جنهن کانپوءِ سموريون اميدون اڄ برمنگهم ۾ ٿيندڙ ٻي ٽي ٽوئنٽي ميچ سان جڙي ويون آهن.
هن چيو ته هو پاڪستاني ٽيم کي سپورٽ ڪرڻ لاءِ تيار آهن، سندن نظرون ٽيم تي آهن ۽ پاڪستاني ٽيم جون نظرون فتح تي هئڻ گهرجن.
بابر اعظم جي پرستار ناريءَ اِهو به چيو ته جيڪڏهن ڪپتان اڄ انگلينڊ خلاف سينچري ۽ پاڪستان ٽيم جي فتح ۾ ڪردار ادا ڪيو ته پنهنجي پيءُ جي مرسڊيز کيس طور ڏينديس.
ياد رهي ته پاڪستان ۽ انگلينڊ وچ ۾ چئن ٽي ٽوئنٽي ميچن جي سيريز جي پهرين ٽي ٽوئنٽي ميچ برسات سبب بنا نتيجي ختم ٿي وئي هئي جڏهن ته اڄ سيريز جي ٻي ميچ برمنگهم ۾ کيڏي ويندي.

Babarazam Fan Pakistancricketteam PAKvsENG

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.