پاسپورٽ تي پرڻيل عورت جي پيءَ جو نالو داخل ٿيندو يا مڙس جو؟ اهم خبر

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاسپورٽ تي پرڻيل عورت جي پيءُ جو نالو داخل ٿيندو يا مڙس جو؟ ان معاملي تي ڪميٽي جوڙي وئي آهي.
پاسپورٽ تي پرڻيل عورت جي مڙس يا پيءَ جو نالو داخل ڪرڻ جي معاملي تي گهرو وزير محسن نقوي ڪميٽي جوڙي ڇڏي.
وفاقي گهرو سيڪريٽري خرم علي آغا ڪميٽي جو سربراهه هوندو، محسن نقوي هدايت ڪئي آهي ته ڪميٽي سمورن معاملن جو جائزو وٺي تجويزون پيش ڪري، پرڻيل عورتن جي سهولت ۽ آساني کي نظر ۾ رکي سفارشون تيار ڪيون وڃن.

pakistan mohsinnaqvi PMLN

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.