ايڪس ۾ پبلڪ لائيڪس جو آپشن ختم ڪرڻ جو فيصلو

ايڪس ۾ پبلڪ لائيڪس جو آپشن ختم ڪيو پيو وڃي.
پبلڪ لائيڪس مان مطلب واهپيدار پروفائيل ۾ موجود اهي سيڪشن آهن، جيڪي سمورن پوسٽس جو رڪارڊ رکندا آهن، جن کي اوهان لائيڪ ڪري رکيو هجي.
ايڪس جي عهديدار اعلان ڪيو آهي ته سوشل ميڊيا پليٽ فارم ۾ پبلڪ لائيڪس کي پرائيوٽ ڪيو پيو وڃي.
ايڪس جي ڊائريڪٽر آف انجنيئرنگ ٻڌايو آهي ته سوشل ميڊيا پليٽ فارم ۾واهپيدارن جي پروفائيل پيج سان پبلڪ لائيڪس کي هٽايو پيو وڃي.
ان تبديلي بعد ڪو اهو نه ڄاڻي سگهندو ته اوهان ٻين واهپيدارن جي ڪهڙن پوسٽس کي لائيڪ ڪيو آهي.
ڪمپني جي عهديدار هڪ پوسٽ ۾ جواب ڏيندي ٻڌايو ته اسان لائيڪس کي پرائيوٽ ڪري رهيا آهيون، ڇو ته پبلڪ لائيڪس جي ڪري ڪيترائي ماڻهو ڪنهن به پوسٽ کي لائيڪ ڪرڻ ڊڄندا آهن.
هن جو چوڻ ته هاڻ تمام جلد واهپيدار ڪنهن پريشاني بغير پنهنجي پسنديدا مواد کي لائيڪ ڪري سگهندا.
XTwitter PublicLikes SocialMedia

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.