وزٽ ويزا رکندڙ ماڻهن جي مڪي ۾ داخلا بند

رياض (ويب ڊيسڪ) سعودي عرب ۾ حج سيزن جي شروعات ٿي رهي آهي، ان دوران سعودي اختيارين طرفان هڪ اهم اعلان سامهون آيو آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب سعودي اختيارين اعلان ڪيو آهي ته ڪنهن به قسم جي وزٽ ويزا سان مڪي پاڪ ۾ داخل ٿيندڙ ماڻهن تي پابندي هوندي.
سعودي گهرو وزارت جو چوڻ آهي ته ڪنهن به قسم جي وزٽ ويزا تي مڪي پاڪ ۾ داخلا جي اجازت نه ڏني ويندي ۽ اڄ کان رڳو حج ويزا رکندڙ ماڻهن کي ئي مڪي پاڪ ۾ داخلا ڏني ويندي.
سعودي گهرو وزارت هدايت ڪئي آهي ته مڪي ۾ موجود وزٽ ويزا وارا ماڻهو فوري طور اتان هليا وڃن.

saudiarabia ksa hajj

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.