اي آءِ ٽول تي هاڻ اوهان واٽس ايپ لاءِ پروفائيل پڪچر ٺاهي سگهندا

واٽس ايپ ۾ آرٽيفيشل انٽليجنس (اي آءِ) ٽيڪنالاجي جو هڪ ٻيو دلچسپ فيچر متعارف ڪرايو پيو وڃي.
واٽس ايپ تي هڪ اهڙو فيچر متعارف ڪرايو پيو وڃي جيڪو واهپيدارن جا پروفائيل فوٽوز تيار ڪرڻ ۾ مدد ڏيندو.
ويب ٽين انفو جي رپورٽ موجب واٽس ايپ جي نئين اينڊرائڊ بيٽا ورجن ۾ اي آءِ پروفائيل فوٽوز جو فيچر متعارف ڪرايو پيو وڃي.
رپورٽ ۾ ٻڌايو پيو وڃي ته واٽس ايپ طرفان وڌيڪ اي آءِ فيچرز تي ڪم ڪيو پيو وڃي ته جيئن واهپيدارن لاءِ استعمال جو تجربو وڌيڪ بهتر بڻجي سگهي.
نئين فيچر سان واهپيدار اهڙا پروفائيل فوٽوز ٺاهي سگهندا جيڪي انهن جي شخصيت سان ملندڙ جلندڙ هجن.
رپورٽ موجب ان فيچر ذريعي واهپيدار اي آءِ اميج جنريٽ لکي ڪري هدايتون ڏيندا ۽ هو ان موجب پروفائيل تيار ڪندو.
هن فيچر سان واهپيدارن کي سٺي تصوير ڪڍڻ يا تلاش ڪرڻ لاءِ وقت ضايع نه ڪرڻو پوندو پر اهو ڪم اي آءِ ٽيڪنالاجي پاڻ ڪندو.
ان فيچر سان واهپيدارن جي پرائيويسي کي به تحفظ ملندو ڇو ته اي آءِ پروفائيل کي ڪنهن به غلط ڪم ڪرڻ لاءِ استعمال ڪرڻ مشڪل آهي.
اڃا اهو واضح ناهي ٿي سگهيو ته اهو فيچر ڪڏهن تائين متعارف ڪرائي سگهجي ٿو.

Whatsapp Technlogy ArtificialIntelligence

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.