عورت جي دانهن تي کيس تنگ ڪندڙ واڳون گرفتار!

اڪثر جانور انسان کي تنگ ڪندا آهن پر جيڪڏهن ائين ڪرڻ تي ڪنهن جانور کي گرفتار ڪيو وڃي ته؟
جي ها آمريڪي رياست ۾ ائين ئي ٿيو آهي، جتي 104 ورهين جي عورت جي شڪايت تي هڪ واڳون کي گرفتار ڪيو ويو.
پرڏيهي ميڊيا موجب فلوريڊا سان واسطو رکندڙ 104 ورهين جي عورت 5 فوٽن جي واڳون خلاف پوليس ۾ شڪايت داخل ڪرائي هئي.
فلوريڊا رياست جي شهر جيڪسونويلي ۾ پيرسن عورت طرفان پنهنجي پراپرٽي جي حدن ۾ ايلي گيٽر جي داخل ٿيڻ تي پوليس وٽ شڪايت داخل ڪرائي وئي.
حيران ڪندڙ ڳالهه اها آهي ته عورت جي شڪايت تي پوليس واڳون کي گرفتار به ڪري ورتو، پوليس آفيسر واڳون سان دلچسپ گفتگو ڪندي چيو ته توکي گرفتار ڪيو ويو آهي، توکي ڏاڏيءَ جي گهران وڃڻو پوندو.
سوشل ميڊيا تي واڳون جي گرفتاري جي وڊيو به وائرل ٿي وئي، جنهن تي واهپيدار حيراني ۽ دلچسپي جو اظهار ڪري رهيا آهن.

usa florida crocodile

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.