ابوظهبي ( ويب ڊيسڪ ) اماراتي صدر شيخ محمد بن زايد النهيان وزيراعظم شهباز شريف سان پاڪستان ۾ ڏهه ارب ڊالرز جي سيڙپڪاري جو واعدو ڪيو آهي.
وزيراعظم شهباز شريف هڪ ڏينهن جي دوري تي گڏيل عرب رياستن جي راڄڌاني ابوظهبي پهچي چڪو آهي.
وزيراعظم شهباز شريف ۽ گڏيل عرب رياستن جي صدر شيخ محمد بن زايد النهيان جي ابوظهبي ۾ ملاقات ٿي آهي.
ملاقات دوران پاڪستان ۽ گڏيل عرب رياستن وچ ۾ مختلف شعبن خاص طور واپار ۽ سيڙپڪاري جي شعبي ۾ سهڪار وڌائڻ تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.
ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ گڏيل دلچسپي ۽ علائقائي معاملن تي به گفتگو ٿي.
You might also like