”عدليا سان ظلم پاڻ عدليا شروع ڪيو ۽ عدليا کي ئي ختم ڪرڻو پوندو“

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پ پ جي سينيئر اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته اسٽيبلشمينٽ سان ڳالهين جي خواهشمند پارٽي سان معاملا اڳتي نٿا وڌي سگهن.
اسلام آباد ۾ صحافين سان گفتگو ڪندي خورشيد شاهه چيو ته سڀني جماعتن کي گڏجي مسئلن جو حل ڳولڻو پوندو، ڪو به اڪيلي سر مسئلن جو حل نٿو ڪڍي سگهي.
پي ٽي آءِ سان ڳالهين بابت سوال تي هن چيو ته اسان اڳ ۾ پي ٽي آءِ کي حڪومت سازي جي دعوت ڏني، جيڪا انهن رد ڪري ڇڏي، اسٽيبلشمينٽ سان ڳالهين جي خواهشمند پارٽي سان معاملا اڳتي نٿا وڌي سگهن، معاملن کي سڌارڻ جو هڪ ئي رستو آهي ۽ اهو پارليامينٽ آهي.
سندس چوڻ هو ته عدليا سان ظلم پاڻ عدليا شروع ڪيو ۽ هاڻ اهو عدليا کي ئي ختم ڪرڻو پوندو، ملڪ جي اعليٰ ترين عدليا واحد فرد جي حڪم کي گڏيل آئين تي ترجيح ڏني.
خورشيد شاهه چيو ته آمرن کي آئين کان مٿانهون تحفظ ڏيڻ سان جمهوريت کي هلڻ جو موقعو نه مليو، جيڪو بهتر فيصلا ڪندو اهو عوام جي نظرن ۾ معتبر هوندو، ان تي تنقيد نه ٿيندي.

khursheedshah ppp asifzardari

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.