اروشي روٽيلا جي ڪانز فيسٽيول ۾ دبنگ انٽري، سوشل ميڊيا تي تعريفون

ڀارتي اداڪارا اروشي روٽيلا جو لباس ۽ گلوبند هڪ ڀيرو ٻيهر ڌيان ڇڪي ورتو.
ڀارتي ميڊيا موجب 30 ورهين جي اداڪارا اروشي روٽيلا ڪانز فلم فيسٽيول جي موقع تي هڪ ڀيرو ٻيهر دلڪش لباس، ميڪ اپ ۽ منفرد جيولري جي ڪري سڀني جو ڌيان پاڻ ڏي ڇڪي ورتو آهي.
اداڪارا دلڪش لڪس، ميڪ اپ ۽ لباس جي ڪري اتي موجود فوٽو گرافرز کي به تصويرون وٺڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو.
ڀارتي ميڊيا موجب ادڪارا پولينڊ جي ڊيزائنر جو تيار ڪيل گاون پاتل هو جڏهن ته هن جي نيڪليس شوقينن جو خاص ڌيان ڇڪرايو.
اداڪارا پنهنجي نانگ جهڙي هار جي تصوير به سوشل ميڊيا تي شيئر ڪئي.
سوشل ميڊيا تي اروشي روٽيلا جا پرستار سندس هار ۽ لباس جي تعريف به ڪري رهيا آهن.
ArvashiRutela IndianActress Festival2024

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.