همايون سعيد بي اولادي جو سبب ٻڌائي ڇڏيو

پاڪستان جي ناليواري اداڪار ۽ فلم پروڊيوسر همايون سعيد جنهن پنهنجي ڪيرئر جي شرعات 90 جي ڏهاڪي ۾ ڪئي ۽ بعد بي پناهه شهرت حاصل ڪئي.
يوٽيوب چينل ”ناشپاتي پرائم“ کي انٽرويو ڏيندي اداڪار اولان نه ٿيڻ بابت سوال تي چيو ته ڪجهه مسئلن جي ڪري اولاد نه ٿي سگهي، پر هن کي الله جي مرضي سمجهان ٿو.
مشهور اداڪار همايو سعيد جي 1995 ۾ ثمينا همايون سان شادي ٿي هئي، پر کين اڄ تائين ڪا اولاد ناهي ٿي سگهي.
همايو سعيد پنهنجي انٽرويو دوران چيو ته اهو مشهور آهي ته هر ڪامياب مرد پويان هڪ عورت جو هٿ هوندو آهي، پر ان جي ڪاميابي ۾ هڪ نه پر ڪيترن ئي عورتن جو هٿ آهي، جن ۾ ثمينا همايون کان علاوه ناديا جميل ۽ ثانيا سعيد به شامل آهن.
اسڪينڊلز بابت هڪ سوال تي همايون سعيد جو چوڻ هو ته مان پنهنجي متعلق اسڪينڊلز کي کي مذاق سمجهندو هئس، پر هاڻي ڪو اسڪينڊل اچي وڃي ته برو لڳندو آهي، اهڙن اسڪينڊلز سان فيملي متاثر ٿيندي آهي، جڏهن کان سوشل ميڊيا آئي آهي ماڻهو هر ڳالهه تي يقين ڪري وٺندا آهن.
هن وڌيڪ ٻڌايو ته ماڻهو منهنجي عائشا خان يا مشي خان سان شادي جي افواهن تي يقين ڪري وٺندا آهن، پر منهنجي شادي صرف هڪ ئي آهي، جيڪا ثمينا سان آهي.
بالي وُوڊ فلم انڊسٽري جي آفر ملڻ جي سوال تي اداڪار چيو ته ڪڏهن به ڪا وڏي آڇ ناهي ٿي پر ”گجني“ لاءِ عامر خان گهرايو هو،پ پر ڪردار بابت تفصيل نه ٻڌايا هئا، جڏهن فلم ۾هڪ ڪردار لاءِ آڊيشن ڏيڻ ويس ته عامر خان چيو ته اهو ڪردار مون تي سٺو نه لڳندو.
همايو جو چوڻ هو ته مان جڏهن به ٻاهر گهمڻ ويندو آهيان ته ماڻهو چوندا آهن ته ڇوڪرين جي چڪر ۾ ويو آهيان، مونکي پنهنجو ڪيرئر پاڪستان کان علاوه ڪٿي ناهي ٺاهڻو، پاڪستان ۾ ئي ڪم ڪرڻ کي ترجيح ڏيندس.

HumaYonSaeed SameenaHumayon Pakistan

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.