ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ جي تاريخ جو وڏو اَپ سيٽ، آمريڪا بنگلاديش کي هارائي ڇڏيو

هيوسٽن ( ويب ڊيسڪ ) ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ کان اڳ ئي تاريخَ جو وڏو اَپ سيٽ ٿي ويو، آمريڪا بنگلاديش کي سيريز جي پهرين ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ پنج وڪيٽن تان هارائي ڇڏيو.
آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي ٽاپ ٽين رينڪنگ ٽيم خلاف آمريڪا پهرين ڪاميابي حاصل ڪري ورتي آهي.
هيوسٽن ۾ کيڏيل ميچ ۾ بنگلاديش پهريان بيٽنگ ڪندي ڇهن وڪيٽن جي نقصان تي 153 رنسون ٺاهيون.
بنگلاديش طرفان توحيد 58 رنسن جي ٽاپ اننگز کيڏي جڏهن ته محمد رياض 31، سوميا سرڪار 20، لٽن داس 14 ۽ شڪيب الحسن 6 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو.
آمريڪا 154 رنسن جو هدف آخري اوور جي ٽئين بال تي پنج وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪري ورتو.
آمريڪا طرفان هرميت سنگهه 33 رنسن جي جارحاڻي اننگز کيڏي ٽيم جي ڪاميابي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو جڏهن ته ڪوري انڊرسن 34 ۽ اسٽيون ٽيلر 28 رنسون ٺاهيون.
شاندار بيٽنگ تي هرميت سنگهه کي پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو.
آمريڪا بنگلاديش خلاف پهرين ٽي ٽوئنٽي ميچ کٽي ٽن ميچن جي سيريز ۾ 1-0 جي سرسي حاصل ڪري ورتي آهي، سيريز جي ٻي ميچ 23 مئي جڏهن ته آخري 25 مئي تي کيڏي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.