ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ سپر اسٽار شاهه رخ خان جي گرمي سبب طبعيت بگڙي وئي، جنهن کانپوءِ کيس اسپتال داخل ڪيو ويو.
ڀارتي ميڊيا موجب شاهه رخ خان کي جسم ۾ پاڻي جي کوٽ سبب احمد آباد جي ڪي ڊي اسپتال ۾ داخل ڪرايو ويو هو پر شروعاتي علاج کانپوءِ کيس اسپتال مان روانو ڪيو ويو.
شاهه رخ خان اڱاري تي احمدآباد ۾ آءِ پي ايل جي ميچ ڏٺي، ميچ ختم ٿيڻ کانپوءِ هو رات دير سان مقامي هوٽل پهتو، جتي سندس شاندار آجيان ڪئي وئي.
رپورٽ موجب شاهه رخ خان جي صبح جو حالت خراب ٿي وئي، پوءِ کيس اسپتال پهچايو ويو، جتي شروعاتي علاج کانپوءِ کيس موڪل ڏني وئي.
ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته شاهه رخ خان طبعيت هاڻ ٺيڪ آهي ۽ کيس آرام جي صلاح ڏني آهي.
shahrukhkhan srk bollywood