پاڪستان جي مشهور اداڪارا ثروت گيلاني شوبز انڊسٽري کان پري رهڻ جو سبب ٻڌائي ڇڏيو آهي.
اداڪارا ثروت گيلاني تازو ئي هڪ نجي ٽي وي جي ٽاڪ شو ۾ شرڪت ڪئي، جتي هن دلچسپ انٽرويو دوران مختلف موضوعن تي ڳالهايو.
شو دوران هڪ سوال جي جواب ۾ ثروت گيلاني ٻڌايو ته منهنجو مڃڻ آهي ته ٿورو ڪم پر سٺو ڪجي، اهو ئي سبب آهي ته هاڻ گهٽ نظر ايندي آهيان.
ثروت گيلاني چيو ته مان پنهنجي پرستارن سان پيار ڪندي آهيان ۽ انهن جو شڪرگذار آهيان، جن مونکي ايتري محبت سان نوازيو آهي.
اداڪارا مثال ڏيندي چيو ته هر ڊرامي ۾ سڪينا، زليخان نٿي بڻجڻ چاهيان.
واضح رهي ته اداڪارا ثروت گيلاني مشهور اداڪار ۽ ڪاسميٽڪ سرجن فهد مرزا جي گهرواري آهي.
SarwatGillani ShowbizIndustry Pakistan
Prev Post
Next Post
You might also like