لنڊن ( ويب ڊيسڪ ) انگلش ٽيم جي ڪپتان جوش بٽلر پاڪستان خلاف 22 مئي ( اڄ کان ) شروع ٿيندڙ ٽي ٽوئنٽي سيريز جي ڪجهه ميچن تان هٿ کڻي سگهي ٿو.
برطانوي ميڊيا موجب، جوش بٽلر ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي تياري طور پاڪستان خلاف سيريز ۾ حصو وٺڻ لاءِ آءِ پي ايل باقي رهيل ميچون ڇڏي وطن واپس موٽي ويو هو.
پرڏيهي ميڊيا موجب، جوش بٽلر جي گهرواري لوئس ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ ٻار کي جنم ڏيڻ واري آهي جنهن سبب امڪان آهي ته هو شايد پاڪستان خلاف ٽي ٽوئنٽي سيريز جون ڪجهه ميچون نه کيڏي سگهي.
انگلش ڪپتان پاڪستان ٽي ٽوئنٽي ٽيم جو خطرناڪ قرار ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان مصبوط ٽيم آهي، پاڪستاني بالرن جي صلاحيت کان آگاهه آهيون، حارث رئوف، شاهين آفريدي ۽ نسيم شاهه جي بالنگ خطرناڪ آهي.
هن چيو ته پاڪستان سان کيڏڻ جو الڳ ئي مزو آهي، ڪوالٽي بالنگ خلاف کيڏڻ اسان لاءِ امتحان هوندو.
ECB PCB Joshbutler