حسن علي کي ورلڊ ڪپ اسڪواڊ ۾ شامل نه ڪرڻ جو فيصلو

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) فاسٽ بالر حسن علي کي پاڪستان جي ٽي ٽوئنٽي اسڪواڊ مان رليز ڪيو ويو آهي.
ٽيم انتظاميا موجب، حسن علي ڪائونٽي ڪرڪيٽ جي پنهنجي ڪمٽمينٽ پوري ڪري سگهندو.
ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ لاءِ پاڪستان جي امڪاني 15 رڪني اسڪواڊ ۾ ڪپتان بابراعظم، محمد رضوان، صائم ايوب ۽ فخرزمان شامل هوندا.
ذريعن موجب، عثمان خان، اعظم خان، افتخار احمد، محمد عامر، نسيم شاهه، شاهين آفريدي، حارث رئوف، عباس آفريدي ۽ شاداب خان اسڪواڊ ۾ شامل هوندا.
ان کانسواءِ پاڪستان جي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ اسڪواڊ ۾ عماد وسيم ۽ ابرار احمد کي به شامل ڪيو ويندو جڏهن ته سلمان علي آغا ۽ عرفان خان نيازي ريزروز ۾ شامل هوندا.
واضح رهي ته پاڪستان جي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ لاءِ 15 رڪني اسڪواڊ جو اعلان ايندڙ هڪ ٻن ڏينهن ڪيو ويندو .
ياد رهي ته حسن علي انگلش ڪائونٽس وارڪشائر جي نمائندگي ڪري رهيو آهي کيس فاسٽ بالر حارث رئوف جي بيڪ اَپ طور آئرلينڊ ۽ انگلينڊ خلاف اسڪواڊ ۾ شامل ڪيو ويو هو.

T20worldcup2024 PCB Pakistancricketteam

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.